راضيءَ جون رمزون

راضيءَ جون رمزون

راضيءَ جون رمزون

راضيءَ جون رمزون (ڪتاب): هيءُ عوامي شاعر راضي فقير جي شاعريءَ ۽ رمزن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن کي الله بخش ٽالپر، ’راضيءَ جون رمزون‘ عرف ’راضي فقير جو خيالي خزانو‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. راضي فقير، لاڙ خطي جو شاعر هو، هن ڪتاب ۾ راضيءَ جون رمزون عنوان هيٺ ناصحانه نڪتا 13 رمزن هيٺ پيش ڪيل آهن، جن جا ڪي عنوان هي آهن: ميلي جي حقيقيت، چار منزلون، حضرت عليعه ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني رح جا قول، مجاز جا قسم، نفعا، نقصان، منزلون، فقيريءَ جون صفتون ۽ نشان، فقيرن جا قسم، اڄوڪا فقير، شادي، انسان ۽ قرآن، راڳ بابت بيان، بي انصافي، مولوي، ملان ۽ فقير، عقل عشق، خودي، اڄ جي ماڻهن جي حقيقت، محبت جي نعمت، دنياوي ۽ خدائي ماڻهوءَ ۾ فرق وغيره شامل آهن. سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي نثري مواد ڏنل آهي. ڪٿي گفتا بيان ڪيا ويا آهن ۽ ڪٿي شعر ڏنا ويا آهن. ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب آر. ايڇ. احمد ۽ براردز حيدرآباد، 1968ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو 50 پئسا آهي.


لفظ راضيءَ جون رمزونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو